سکر / پنوعاقل (رپورٽ: فاروق سومرو /نديم بوزدار) سکر پوليس پاران الف ڪچي ۾ آپريشن دوران 10 ڏينهن اڳ دبر ٿاڻي جي حد مان اغوا ڪيل چئن مغوين کي مقابلي بعد بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ، راڄوڻي ڪوششن ۽ ڀنگ عيوض مغوين جي بازيابيءَ جا چوٻول. ان سلسلي ۾ ايس ايس پي سکر جي ترجمان پاران  جاري ڪيل پڌرائي موجب سکر پوليس الف ڪچي ۾ ڏوھارين خلاف آپريشن دوران چئن مغوين کي بازياب ڪرائي ورتو آھي. الف ڪچي ۾ ھلندڙ آپريشن دوران 10 ڏينهن اڳ دبر ٿاڻي جي حد مان قومي شاھراه تان اغوا ٿيل ڪوٽڙي ڪبير واسي چئن مغوين فدا ملاح، سرفراز سھتو، شڪيل ۽ مسرور کي بازياب ڪرايو ويو آھي. ايس ايس پي سکر سنگھار ملڪ موجب آپريشن دوران پوليس ۽ ڏوھارين وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ٻن ڏوھارين جي زخمي ٿيڻ جا به اطلاع آھن. ڏوھاري پنھنجا ٺڪاڻي ڇڏي فرار ٿي ويا. جڏھن ته اغوا ٿيل چئني مغوين کي بازياب ڪرائي قانوني ڪارروائي کانپوءِ وارثن حوالي ڪيو ويو آھي. ٻئي پاسي ڊي آءِ سکر جاويد سونھارو جسڪاڻي پاران الف ڪچي ۾ ڏوھارين خلاف آپريشن  جي سربراهي ڪندڙ ايس ايس پي سکر سنگھار ملڪ ۽ سندس ٽيم کي مغوين جي بازيابيءَ تي تعريفي سرٽيفڪيٽ سميت ڪيش انعام ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي. هوڏانهن علائقي ۾ چوٻول آهن ته مغوين کي راڄوڻي ڪوششن ۽ ڀنگ عيوض بازياب ڪرايو ويو آهي.