سکر (بيورو رپورٽ) سکر پوليس مبينا مقابلي بعد ٻن ڏوهارين کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ان ڏس ۾ سکر پوليس جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان ۾ ايس ايس پي سکر جي حوالي سان چيو ويو آهي ته آباد ٿاڻي جي حد ۾ گشت دوران پوليس ۽ ڏوهارين ۾ مقابلو ٿي پيو. ان دوران پوليس جوابي فائرنگ بعد ٻن جوابدارن ثناءُ الله لوهر ۽ امجد ابڙو کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري ورتو. پوليس موجب گرفتار ڪيل جوابدار جي قبضي مان هٿيار پڻ هٿ ڪيا ويا آهن، جڏهن ته سندن هڪ ساٿي فرار ٿي ويو. مقابلي بعد گرفتار ڪيل ٻنهي جوابدارن کي علاج لاءِ سول اسپتال سکر ۾ داخل ڪرايو ويو آهي.