سکر(بيورو رپورٽ) اي سيڪشن ٿاڻي جي حد واري تڙ واري علائقي ۾ پوليس مبينا مقابلي بعد ھڪ جوابدار عدنان قريشيءَ کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري سندس قبضي مان ٽي پستول ۽ گوليون برآمد ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آھي. سکر پوليس جي ترجمان مطابق ڳجھي اطلاع تي پوليس واري تڙ واري علائقي ۾ پھتي ته ڏوھارين ۽ پوليس وچ ۾ مقابلو ٿي پيو، نتيجي ۾ ھڪ ڏوھاريءَ کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو، جنھن کي علاج لاءِ سول اسپتال سکر منتقل ڪيو ويو، جڏھن ته سندس 2 ساٿي فرار ٿي ويا. زخمي حالت ۾ گرفتار جوابدار مٿان مختلف ٿاڻن تي موٽرسائيڪل چوري، ڦر، پوليس مقابلن سميت مختلف نوعيت جا 8 ڪيس داخل ٿيل آھن، وڌيڪ رڪارڊ گڏ ڪيو پيو وڃي.