سکر پوليس مبينا مقابلي ۾ نوجوان الطاف شيخ کي هاف فراءِ ڪري ڇڏيو

0
249
سکر پوليس مبينا مقابلي ۾

سکر:سکر پوليس مبينا مقابلي ۾ نوجوان الطاف شيخ کي هاف فراءِ ڪري ڇڏيو، پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته الطاف شيخ ڏوهاري آهي، کيس مقابلي دوران زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي

نوجوان الطاف شيخ پوليس مقابلي جي دعويٰ کي رد ڪندي چيو ته مزدوري ڪندو آهيان، آباد پوليس گذريل رات رستي تان کنڀي ڄنگهه ۾ گولي هنئي، پوليس آزاديءَ لاءِ رشوت گهري، نه ڏيڻ تي مقابلو ڄاڻائي زخمي ڪيو ويو

ٻئي پاسي سڪرنڊ جي شاهه لطيف ڪالوني ۾ نينگريءَ کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، رهواسين جوابدار کي پڪڙي پوليس حوالي ڪري ڇڏيوآھي

پوليس موجب جوابدار عامر خانزادي اعتراف ڪيو آهي ته هو ٻار اغوا ڪندو آھي، پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار اڳ به ڪيترائي ڀيرا جيل ڪاٽي چڪو آهي، معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي

ھي به پڙھندا

نوشهروفيروز مان مبينه طور تي نينگري اغوا