سکر (بيورو رپورٽ) سکر پوليس هڪ رات ۾ 3 مبينا مقابلن ۾  ٽن ڄڻن کي هاف فراءِ ڪري ڇڏيو. ان ڏس ۾ سکر پوليس موجب ته اي سيڪشن پوليس گرم گودي واري علائقي ۾  مقابلي بعد عدنان اعواڻ، سي سيڪشن پوليس لينسڊائون پل وٽ مقابلي بعد حزيفه ميمڻ ۽  بي سيڪشن پوليس مقابلي بعد راشد عباسي کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، جڏهن ته گرفتار ٿيلن جا ساٿي فرار ڄاڻايا ويا آهن.