سکر(بيورو رپورٽ) ويڪسينيشن ويلفيئر ايسوسيئيشن ضلعي سکر پاران حفاظتي ويڪسين لڳائڻ جي سينٽرن جي تالا بندي ڪري ريلي ڪڍي سکر پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي تي محمد صديق راڄپر، نثار احمد صديقي ۽ ٻين چيو هر ڏکي وقت ۾ ويڪسينيٽر عوام جي خدمت ڪندا آهن. ڪورونا وائرس جھڙي خطرناڪ صورتحال دوران به سکر سميت ملڪ جي ويڪسينيٽرن پنهنجا فرض سرانجام ڏنا آهن، سنڌ ۾ ويڪسينيٽرن سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪيو پيو وڃي، ھنن چتاءُ ڏنو تھ جيڪڏھن جلد مسئلا حل نھ ٿيا تھ 12 اپريل تي ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاھرو ڪرڻ بعد سي ايم ھائوس ڏانھن مارچ ڪيو ويندو. جنھن جي ذميواري سنڌ حڪومت ۽ صحت کاتي مٿان عائد ٿيندي.