سکر (رپورٽ: فاروق سومرو) سکر جي تماچاڻي ٿاڻي جي حد ۾ ڦر دوران مزاحمت تي هڪ ڀاڳيو قتل، ٻه ڄڻا سخت زخمي، پوليس بروقت پهچي وئي، مقابلي ۾ ٻه ڦورو به مارجي ويا. خبر موجب گذريل رات دير سان سکر جي  تماچاڻي ٿاڻي جي حد ڳوٺ ورايو ۾ ڦر جي ڪوشش دوران هٿياربندن مزاحمت ڪرڻ تي گوليون هڻي ڀاڳئي سميع الله کي قتل  ڪري ڇڏيو، جڏهن ته وڌيڪ ٻه ڳوٺاڻا پڻ سخت زخمي ٿي پيا، جن کي فوري طور سول اسپتال سکر منتقل ڪيو ويو. ان حوالي سان ايس ايس پي سکر سنگهار ملڪ جي حوالي سان ڄاڻايو ويو آهي ته پوليس ۽ ڀاڳين جي فائرنگ ۾ ٻه ڏوهاري مارجي ويا آهن، جن جي ابتدائي طور سڃاڻپ نه ٿي سگهي هئي. ڦر واردات دوران اطلاع ملڻ تي پوليس موقعي تي پهچي وئي. ان دوران ڳوٺاڻن، پوليس ۽ ڳوٺاڻن وچ ۾ ڪافي دير تائين آمهون سامهون فائرنگ جاري رهي. ڳوٺاڻن ۽ پوليس جي فائرنگ ۾ ٻه ڦورو پڻ مارجي ويا. جڏهن ته ٻه ڳوٺاڻا پڻ زخمي ٿيا آهن. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.