سکر (بيورو رپورٽ) سکر واسي ٻه ڄڻا ڌاڙيلن وٽ يرغمال بڻيل، وارث پريشان. ان ڏس ۾ سکر جي بچل شاهه واري علائقي جو رهواسي ٽرڪ ڊرائيور رسول بخش ملڪ 15 ڊسمبر تي اغوا ٿي ويو. جڏهن ته گرم گوديءَ جي رهواسي پورهيت گلزار شيخ کي اغوا ٿئي ٽي هفتا گذري ويا پر پوليس ٻنهي مغوين کي بازياب نه ڪرائي سگهي آهي. ٽرڪ ڊرائيور رسول بخش جي ڀاءُ پوليس ۽ ميڊيا آڏو دانهيندي ٻڌايو ته ڀاءُ جي ٽرڪ سائيٽ ايريا ٿاڻي جي حد مان ملي آهي، جڏهن ته اغوا جي ڪجهه ڏينهن بعد ڏوهارين فون تي ڌمڪي ڏيندي ڀنگ جي تقاضا ڪئي. جڏهن ته گلزار شيخ جي وارثن به پوليس کي ٻڌايو آهي ته ڌاڙيلن 20 لک رپيا ڀنگ طلب ڪيو آهي. ٻنهي يرغمالين جي وارثن مطابق ٿاڻن جا چڪر ڪاٽي ڪاٽي ٿڪجي پيا آهيون پر پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو ناهي ڪيو. هنن آءِ جي سنڌ ۽ ڊي آءِ جي سکر کان مطالبو ڪيو ته مغوين جي باحفاظت بازياب ڪرايو وڃي.