سکر (بيورو رپورٽ) سکر بچل شاهه واسي اغوا ٿي ويل نوجوان ٽرڪ ڊرائيور رسول بخش ملڪ ٻه مهينا گذرڻ باوجود بازياب نه ٿي سگهيو. مغويءَ جي وارثن ريلي ڪڍي ايس ايس پي آفيس ۽ پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هڻي احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو. 48 ڪلاڪن اندر مغوي بازياب نه ٿيڻ جي صورت ۾ ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي ڌرڻو هڻڻ جو چتاءُ. مظاهرين غلام رسول، امداد علي، ڌڻي بخش، حضور بخش ملڪ ۽ ٻين ان سلسلي ۾ دانهيندي ته 2 مهينا اڳ سکر سائيٽ ايريا واري علائقي بچل شاھ مياڻي جي رهواسي ٽرڪ ڊرائيو رسول بخش ملڪ کي ڌاڙيل اغوا ڪري ويا. مغويءَ کي ڪشمور واري علائقي ۾ باندي بڻايو ويو آھي. ڌاڙيلن مغوي پورهيت جي آزاديءَ لاءِ 20 لک رپيا ڀنگ طلب ڪيو آهي، رقم نه ڏيڻ تي کيس مارڻ جون ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن. سائيٽ ايريا ٿاڻي جي پوليس جو چوڻ آهي ته همراهه سندن حد مان اغوا ناهي ٿيو. هنن جو چوڻ هو ته پوليس ۾ حد جي تڪرار سبب مغويءَ جي حياتي داءَ تي لڳل آھي. هنن چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن 48 ڪلاڪن ۾ مغويءَ کي بازياب نه ڪرايو ويو ته مجبور ٿي ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي احتجاجي ڌرڻو هنيو ويندو.