سکر (بيورو رپورٽ) سکر مينارا روڊ تي زال مڙس ۾ منهن ماري، مڙس مٿان تشدد ۽ ٻار کسڻ جو الزام. سکر نيوپنڊ جي رهواسڻ مسڪان عباسي مطابق پنهنجو ٻار حاصل ڪرڻ لاءِ عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي جنهن تي مڙس جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، مڙس عدالت ۾ پيش ٿيڻ بجاءِ مينارا روڊ تي اسٽامپ وينڊر وٽ اچڻ جو چيو، اتي پهچڻ تي بليڪ ميل ڪيو ته لکت ۾ ڏي ته ٻار ملڻ کان پوءِ ان جي پڙهائي لکائي يا ٻئي خرچ جو مطالبو نه ڪندين. مسڪان عباسي موجب مڙس منيب شيخ شادي بعد تشدد ڪندو هو. هڪ ٻار جو اولاد آهي جيڪو کڻي ڪراچي هليو ويو. عدالت ۾ ٻار حاصل ڪرڻ لاءِ درخواست داخل ڪرائي. عدالت پوليس کي حڪم ڏنو، جنھن بعد اسٽامپ وينڊر وٽ به مڙس چماٽون هنيون ۽ ڪيس واپس وٺڻ لاءِ زور ڀريو. عدالت نوٽيس وٺي تحفظ ۽ انصاف ڏياري.