سکر: مسيحي برادري کي قبرستان لاءِ زمين ڏيو: پٽيشن داخل

0
201
Sukkur Court

سکر: مسيحي برادري قبرستان لاءِ زمين فراھم ڪرڻ لاءِ سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر بئنچ ۾ پٽيشن داخل ڪرائي ورتي آهي. پٽيشنر جو چوڻ هو ته سکر شھر ۾ 50 ھزار آبادي کان وڌيڪ مسيحي برادري جي آبادي آھي. مسيحي برادري جي قبرستان ۾ 50 قبرن جي به گنجائش ناھي بچي. عدالت پٽيشن ٻڌڻي جوڳي قرار ڏيندي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، عدالت ڪمشنر سکر، ڊي سي سکر، مختيارڪار سکر کان 6 جولاءِ تي جواب طلب ڪري ورتو.