سکر(بيورو رپورٽ) سکر واسي پراسرار نموني گم ٿي ويل نوجوان جي وارثن طرفان اغوا جي تصديق، ڌاڙيلن طرفان 20 لک رپيا ڀنگ طلب. سکر نمائش چوڪ جو رھواسي 22 ورھين جو فياض ولد عبدالرحيم ميراڻي پھرين مارچ تي پراسرار نموني گم ٿي ويو هو، جنھن جي ڌاڙيلن وٽ يرغمال ھجڻ جي سندس وارثن طرفان تصديق ڪئي وئي آھي، نوجوان جي وارث خادم ميراڻي مطابق ڌاڙيلن فياض جي موبائيل نمبر تان فون ڪري ٻڌايو ته ڪنڌڪوٽ جي ڳڙھي تيغو واري علائقي ۾ نوجوان يرغمال بڻيل آھي، جنھن جي آزادي لاءِ 20 لک روپيا گڏ ڪرڻ جو چيو، ٻيھر فون ڪري رقم گڏ ڪرڻ جو پڇيو، اسان ڌاڙيلن کي ٻڌايو ته نوجوان 500 روپيا ڏھاڙي ھوٽل تي پورھيو ڪندو ھو، غريب آھيون ايتري رقم ناھي جو ڀنگ ڀري سگھون، جنھن تي ڌاڙيلن گھٽ وڌ ڳالھائڻ بعد 20 لک روپيا ڀنگ گڏ ڪرڻ جو چيو، رقم نه ڏيڻ تي نوجوان کي قتل ڪرڻ جي به ڌمڪي ڏني وئي. ڌاڙيلن جي فون کان پوءِ گھر ۾ ڪھرام متل آھي، نوجوان جي امڙ توڙي ٻيا گھر ڀاتي سخت پريشان آھن. ھنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر، ڊي آءِ جي لارڪاڻو سميت لاڳاپيل آفيسرن کان مطالبو ڪيو آھي ته اسان غريب آھيون ڀنگ جيتري رقم ناھي، تنھن ڪري نوٽيس وٺي ڌاڙيلن کان نوجوان کي آزاد ڪرايو وڃي.