سکر(بيورو رپورٽ) سکر_شڪارپور ڦاٽڪ جي رهواسڻ مسمات دادلي پنهنجي پٽ نادر سان گڏ سکر پريس ڪلب آڏو پهچي صحافين کي ٻڌايو ته سندس 17 ورهين جو پٽ عامر علي ولد محمد بخش لولائي ڪيترن ئي ڏينهن کان پراسرار طور تي لاپتا ٿي ويو آهي،  جنهن جو اطلاع پوليس کي ڏيڻ باوجود پوليس هن وقت تائين پٽ کي ڳولڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي، هن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي پٽ جي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي