سکر(بيورو رپورٽ) سکر شاليمار جي رھواسڻ شاگردياڻي پراسرار نموني گم، وارثن پاران اغوا جو شڪ ظاھر. اِن ڏس ۾ مليل ڄاڻ موجب سکر شاليمار جي رھواسڻ بي ايس سي پارٽ ون جي شاگردياڻي مريم ڌيءَ غلام نبي ميراڻي پراسرار نموني گم ٿي وئي آھي. شاگردياڻيءَ جي والد سي سيڪشن ٿاڻي تي پھچي اھڙي اطلاع ڏيندي اغوا جو شڪ ظاھر ڪيو آھي ته نياڻي صبح جو ڪاليج وئي ۽ واپس گھر نه پھتي، گھڻي ڳولا باوجود پتو نه پوڻ تي پوليس کي اطلاع ڏنو آھي.