سکر (بيورو رپورٽ) سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر بئنچ ۾ خيرپور واسي نوجوان وڪيل محمد رضا سومرو شاھ عبداللطيف يونيورسٽي انتظاميا خلاف پٽيشن داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو آھي ته يونيورسٽي انتظاميا ڄاڻي واڻي سرٽيفڪيٽس ۾ لکت جون غلطيون ڪري ٿي، امتحانن دوران وڏي انگ ۾ شاگردن کي غير حاضري ڄاڻائي فيل ڪيو ويندو آھي، يونيورسٽي جي اھڙي عمل سان شاگردن جو مستقبل داءُ تي لڳل آھي، سرٽيفڪيٽس ۾ سيٽ نمبر تبديل ٿيڻ، نالو، پيءَ جو نالو غلط لکيو ويندو آھي، ڄاڻي واڻي لکت ۾ غلطيون ڪري فيس جي ۾ لکين رپيا وصول ڪيا ويندا آھن، وڪيل محمد رضا سومرو موجب عدالت درخواست کي ٻڌڻي جوڳو قرار ڏيندي ايندڙ اڱاري ڏينھن 13 اپريل ڌرين کي طلب ڪري ورتو آھي.