سکر (بيورو رپورٽ) خيرپور جي پڪاچانگ شھر ۾ پرائمري استاد جي قتل وارو معامرو، قاتل گرفتار نه ٿيڻ تي مقتول استاد جي ڀاءُ سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر بئنچ ۾ پٽيشن داخل ڪرائي ورتي، عدالت پاران درخواست ٻڌڻ جوڳي قرار ڏيندي پوليس ذميوارن مٿان ڪاوڙ جو اظھار، گھرو سيڪريٽري سنڌ، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي خيرپور ڏانھن نوٽيس جاري، 27 آڪٽوبر تي رپورٽ جمع ڪرائڻ جو حڪم. اِن ڏس ۾ خيرپور ضلعي جي پڪا چانگ سان تعلق رکندڙ پرائمري استاد عابد حسين چانگ جي ڀاءُ علي ناصر چانگ، سنڌ ھاءِ ڪورٽ بئنچ سکر ۾ پٽيشن داخل ڪرائيندي پنج مھينا اڳ سندس ڀاءُ کي ڏينھن ڏٺي جو سرعام شھر ۾ قتل ڪيو ويو ھو، ھن وقت تائين جوابدار گرفتار ناھن ٿي سگھيا، جيو فرانزڪ رپورٽ، سي سي ٽي وي فٽيجز به موجود آھن، عدالت درخواست کي ٻڌڻي جوڳو قرار ڏيندي پوليس ذميوارن مٿان ڪاوڙ جو اظھار ڪيو ۽ ڌر بڻايل گهرو سيڪريٽري سنڌ، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي، ايس ايس پي خيرپور، آئي ٽي انچارج خيرپور، ايس ايچ او فيض گنج ۽ ٻين ڏانھن نوٽيس جاري ڪندي 27 آڪٽوبر تي پوليس کي رپورٽ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آھي.