سکر (بيورو رپورٽ) ضلعي انتظاميا سکر برسات جي نقصانن جي سروي شروع ڪري ڇڏي آهي. ڊپٽي ڪمشنر سکر ڊاڪٽر شھزاد طاھر ٿھيم ان سلسلي ۾ ٻڌايو ته سکر ضلعي ۾ برسات جي تباھي جو ڪاٿو لڳائڻ لاءِ سروي وارو ڪم اسسٽنٽ ڪمشنرز جي نگرانيءَ ۾ شروع ٿي ويو آھي. پاڪ آرمي جا جوان به سروي ۾ شامل آھن. جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته سکر ضلعي جي سکر سٽي، نيو سکر، روھڙي، صالح پٽ ۽ پنوعاقل تعلقن جي سمورين يونين ڪائونسلز، ميونسپل ڪارپوريشن سکر، ميونسپل ڪاميٽين ۽ ٽائون ڪاميٽين جي سمورن يونين ڪاميٽين جي حدن ۾ سروي شروع ٿي وئي آھي. سروي اسسٽنٽ ڪمشنرز جي نگراني ۾ ٿي رھي آھي، جڏھن ته پاڪ آرميءَ جا جوان به سروي ٽيم سان گڏ موجود رھندا. شھري سروي ٽيم سان سھڪار ڪري پنھنجي ٿيل نقصان جا تفصيل درج ڪرائين، جيڪڏهن سروي دوران ڪو به گهر رهجي وڃي ته ڊپٽي ڪمشنر آفيس سکر جي ڪنٽرول روم جي فون نمبر  93103030 (071) تي ڪال ڪري يا حد جي اسسٽنٽ ڪمشنر سان  رابطو ڪري  شڪايت درج ڪرائي سگھجي ٿي.