سکر (بيورو رپورٽ) سکر ضلعي ڪائونسل ملازمن پاران پگهارون نه ملڻ ۽ 10 کان 20 هزار رپيا ڪٽوتي خلاف ٻئي ڏينهن به ڪم ڇڏ هڙتال ڪري ڪري ضلعي ڪائونسل آفيس جي مک گيٽ آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال جاري رکي. سکر ضلعي ڪائونسل جي ملازمن پگهارن ۾ ڪٽوتي۽  ملازمن جون پگهارون بند ٿيڻ خلاف ٻئي ڏينهن به ڪم ڇڏ هڙتال ڪري عبدالمجيد جسڪاڻي، طارق سولنگي، شاهنواز ڪانڌڙو، مشاهدحسين پلھ، عبدالله، جميل احمد دايو، مظفر جوڻيجو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سوين ملازمن ضلعي ڪائونسل آفيس جي مک گيٽ آڏو ٻئي ڏينهن به علامتي بک هڙتال جاري رکي. مظاهرين جو چوڻ هو ته لوڪل گورنمينٽ ملازمن سان مسلسل ناجائزيون ٿي رهيون آهن، هڪ سئو کان وڌيڪ ريگولر ملازمن جي پگهارن مان 10 کان 20 هزار رپيا ناجائز ڪٽوتي ڪئي وڃي ٿي، جيڪا سراسر زيادتي ۽ ظلم آهي، هنن مطالبو ڪيو ته جلد پگھارن مان ڪٽوتي ٿيل رقم ۽  پگھارن کان مرحوم ملازمن کي پگھارون نه مليون ته احتجاج جو سلسلو وڌائيندي  وفاقي وزير سيد خورشيد شاھ، صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھ توڙي اڳوڻي سينيٽر اسلام الدين شيخ جي ھائوس آڏو ڌرڻو ھنيو ويندو.