سکر: صحافي اجي لالواڻي قتل ڪيس، جوابدار 14 ڏينهن جيل حوالي

0
325

سکر(بيورو رپورٽ) مقتول صحافي اجي لالواڻي جي ڪيس جي دھشتگردي جي خاتمي واري عدالت سکر ۾ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، ان سلسلي ۾ قتل ڪيس ۾ گرفتار پنجن جوابدارن کي جيل مان عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، عدالت پنج ئي جوابدارن جميل شاھ، رضا شاھ، اڪبر منڱريو، جانب ميراڻي ۽ مصطفي ميراڻي کي 14 ڏينھن جي رمانڊ تي جيل حوالي ڪري ڇڏيو، ڪيس ۾ شامل ضمانت تي آزاد جوابدار اڳوڻو يوسي چيئرمين عنايت شاھ، احسان شاھ، عاشق ميراڻي به عدالت ۾ پيش ٿيا، عدالت ٽنھي ڄڻن جي عبوري ضمانت ۾ 14 ڏينھن لاءِ واڌ ڪري ڇڏي، جاچ آفيسر طرفان عدالت ۾ رپورٽ جمع ڪرائي وئي جنهن ۾ چيو ويو ته جي آءِ ٽي رپورٽ مڪمل ناھي ٿي سگھي، جنهن بعد عدالت ٻڌڻي 28 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي.