سکر (بيورو رپورٽ) سينيئر ڊاڪٽرن ۽ عملي مٿان ٻارڙي جي اغوا جي ايف آءِ آر داخل ٿيڻ ۽ رسڪ الائونس ختم ڪرڻ خلاف سکر ۾ سکر سول اسپتال جي او پي ڊي جو بائيڪاٽ ٻئي ڏينهن به جاري، ٻارڙن وارو وارڊ خالي ڪرڻ کان پوءِ اسپتال ۾ داخل مريضن جا ڪيترائي آپريشن به ملتوي، اسپتال ۾ داخل مريضن توڙي سکر سميت مختلف ضلعن کان علاج لاءِ پھتل ماڻهن جي پريشانين ۾ اضافو ٿي ويو. سنڌ حڪومت، صحت کاتو خاموش تماشائي بڻيل. غلام محمد مھر ميڊيڪل ڪاليج جي فيڪلٽي ميمبرن، ڊاڪٽرن، پيرا ميڊيڪل اسٽاف طرفان او پي ڊيز ۽ آپريشنز جو بائيڪاٽ ڪري الڳ الڳ احتجاجي مظاھرا ڪيا ويا. اغوا ايف آءِ آر داخل ڪرڻ خلاف ڪاليج جي پرنسپل پروفيسر داڪٽر رفيق ميمڻ ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ جي ايم سي جي مک گيٽ کان احتجاجي ريلي ڪڍي ٻارڙن واري وارڊ آڏو مظاھرو ڪيو ويو، جنھن ۾ ليڊي ڊاڪٽرز توڙي نرسن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. ڊاڪٽرن ۽ عملي مٿان ايف آءِ آر داخل ٿيڻ تي ٻارن واري ايمرجنسي توڙي جنرل وارڊز کي ڪالھه به بند رکيو ويو. واضح هجي ته ٻه ڏينھن اڳ ٻارڙن واري وارڊن ۾ داخل 150 مريض ٻارن کي ٻين شھرن ڏانھن منتقل ڪيو ويو هو. جڏھن ته ڪالهه پڻ بائيڪاٽ سبب ڪنھن ٻار کي علاج لاءِ داخل نه پيو ڪيو وڃي. جڏھن ته اسپتال ۾ داخل مريضن جا ڪالھه رٿيل پريشن پڻ ملتوي ڪيا ويا. ھڪ اندازي موجب 30 کان وڌيڪ مختلف بيمارين ۾ مبتلا مريضن جا آپريشن ملتوي ڪيا ويا آهن. هوڏانهن اسپتال مان اغوا ڄاڻايل ٻارڙي غالب حسين ولد محمد موسيٰ اڃا تائين هٿ نه اچي سگهيو آهي.