سکر (بيورو رپورٽ) پاڪستان پيرا ميڊيڪل اسٽاف ايسوسيئيشن سکر جي ضلعي صدر عبدالقيوم قاضي، چيف پيٽرن ضلعا سکر قمرالدين ڪلوڙ، سينئر وائيس صدر برڪت بٽار، جنرل سيڪريٽري محمد قاسم جوڻيجو، رياض ميراڻي، فھيم احمد منگي ۽ ٻين پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته غلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج ٽيچنگ سول اسپتال سکر جو ايم ايس ڊاڪٽر تسليم خميساڻي ھڪ بھترين آفيسر آهي، جنهن اسپتال ۾ رڪارڊ ڪم ڪرايا آهن، هنن چيو ته ڪجهه شر پسند ماڻھو ڊاڪٽر تسليم اختر خميساڻي خلاف غلط خبرون ھلائي رهيا آهن، هنن مطالبو ڪيو ته ايم ايس خلاف ڪوڙي واويلا بند ڪئي وڃي. .