سکر(بيورو رپورٽ) ڊي آءِ جي سکر ڏوهاري سرگرمين کي روڪڻ ۽ ڪچي وارن علائقن ۾ ٻوڏ واري صورتحال ۾ رهواسين کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ دريائي فورس قائم ڪري ورتي. ڊي آءِ جي سکر جاويد سونهارو جسڪاڻي پاران سنڌو درياءَ جي ڪچي واري علائقي ۾ ڏوهارين جي سرگرمين تي نظر رکڻ توڙي ٻوڏ واري صورتحال دوران ڦاٿل ماڻهن جي مدد لاءِ دريائي فورس قائم ڪري ڇڏي آهي. ان ڏس ۾ جاري ڪيل بيان ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته نئين جوڙيل فورس 40 جوانن تي مشتمل آهي، جنھن کي جديد ھٿيار به ڏنا ويا آھن، ڄاڻايل فورس سنڌو درياءَ جي ڪپ تي گشت ڪرڻ سان گڏ ڏوهاري سرگرمين کي روڪڻ لاءِ پنهنجون صلاحيتون ڪم آڻيندي.