سکر جي عدالت ميونسپل ۾ ڀرتين جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو

0
379

سکر (بيورو رپورٽ) سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر بئنچ سال 2012 ۽ سال 2013ع اندر ميونسپل ۾ ڀرتين جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو، چيف سيڪريٽري سنڌ، سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ ۽ ميونسپل ذميوارن کان 27 اپريل تي عدالت رپورٽ گھري ورتي، وڪيل عبدالنعيم پيرزادو موجب ميونسپل ڪارپوريشن جي ملازم رٽائرڊ مينٽ باوجود مراعتون نه ملڻ تي سنڌ ھاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي ھئي، 2012 ۽ 2013ع ۾ جعلي ڀرتين واري معامري تي عدالت چيف سيڪريٽري ۽ سيڪريٽري بلديات کان رپورٽ طلب ڪئي آھي.