سکر (بيورو رپورٽ) سکر جي عدالت نواز ليگ اڳواڻ مريم نواز خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ پي ٽي آءِ اڳواڻ وڪيل ظهير بابر پاران داخل ڪرايل درخواست رد ڪري ڇڏي. سکر جي ففٿ ايڊيشنل سيشن جج ممتاز سولنگيءَ جي عدالت پي ٽي آءِ اڳواڻ ظهير بابر جي داخل ڪرايل درخواست جي ٻڌڻي ڪئي. ان دوران مريم نواز جي وڪيل ذوالفقار ملاڻو، ظفر عيدن منگي، ڊپٽي اٽارني جنرل نثار ابڙو، ايف آءِ اي جو  پراسيڪيوٽر ۽ پوليس عملدار پيش ٿيا. ڊپٽي اٽارني جنرل نثار ابڙي ۽ وڪيل ذوالفقار علي ملاڻو عدالت کي ٻڌايو ته مريم نواز جي سرگوڌا ۾ ڪيل تقرير کي ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ بنياد بڻايو ويو آهي. ان ڪري ڪيس بابت سرگوڌا جي عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي سگهجي ٿي، ان ڪري درخواست رد ڪئي وڃي. عدالت وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد ن ليگ اڳواڻ مريم نواز خلاف درخواست رد ڪري ڇڏي.