سکر (بيورو رپورٽ) سکر سينٽرل جيل ۾ فاروق چانڊيو ۽ جمشيد علوي قيدين جي ٻن گروپن ۾ معمولي ڳالھه تان جھيڙو ٿي پيو، نتيجي ۾ ٻنھي گروپن جي قيدين طرفان ھڪ ٻئي مٿان سروٽن، مڪن ۽ لتن جو وسڪارو ڪري ڏنو، جنھن سبب چار قيدي جمشيد علوي، فاروق علوي، محرم ۽ قادر بخش چانگ زخمي ٿي پيا، جن مان ٻڻ ڄڻن جمشيد ۽ فاروق علوي علاج لاءِ سول اسپتال سکر منتقل ڪيو ويو، جتان طبيعت بھتر ٿيڻ بعد کين ٻيھر جيل اماڻيو ويو آھي. اِن ڏس ۾ جيل انتظاميا موجب ٻنھي قيدين جي گروپن ۾ مانيءَ جي ڳالھه تان جھيڙو ٿيو، جنھن ۾ چار قيدي زخمي ٿي پيا آھن، اِن معامري متعلق جاچ شروع ڪئي وئي آھي، جيڪو به قيدي قائدن ۽ ضابطن جي ڀڃڪڙيءَ ۾ ملوث نڪتو اُن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي.