سکر(رپورٽ: فاروق سومرو) تعليم بورڊ سکر ڏھين جماعت جا نتيجا پڌرا ڪري ڇڏيا، ڇوڪريون ڇوڪرن کان اڳڀريون، ٽيئي پوزيشنون ڇوڪرين جي نالي، پاس ٿيڻ جي شرح ۾ به ڇوڪرين کي سرسي حاصل، پھرين پوزيشن آمنه ڦل، ٻيِن پوزيشن رمشا بتول ۽ ٽئين پوزيشن شڪتي حاصل ڪري ورتي. 42691 اميدوار پاس، 1883 اميدوار امتحان ۾ فيل. تفصيل موجب تعليمي بورڊ سکر جي ڪنٽرول امتحانات رفيق احمد پلھه طرفان ڏھين جماعت سائنس ۽ جنرل گروپ جي نتيجن جو اعلان ڪيو ويو آھي. جاري ڪيل نتيجن موجب ميٽرڪ سائنس ۾ خيرپور جي رھواسڻ شاگردياڻي آمنه ڌيءَ امتياز علي ڦل 1030 مارڪون کڻي پھرين پوزيشن حاصل ڪري ورتي آھي، جڏھن ته سکر جي رھواسڻ رمشا بتول ڌيءَ غفران بلوچ 1028 مارڪون کڻي ٻئين ۽ سکر جي ئي رھواسڻ ديا شڪتي ڌيءَ اوم پرڪاش 1027 مارڪون کڻي ٽئين پوزيشن حاصل ڪئي آھي. ميٽرڪ سائنس گروپ ۾ امتحان لاءِ 44599 اميدوارن فارم ڀريا، جن مان 7 اميدوار غير حاضر رھيا، ڪل 42592 اميدوارن امتحان ۾ حصو ورتو، جن مان 7913 اميدوار اي ون گريڊ ۾ پاس ٿيا آھن، جڏھن ته 18630 اي گريڊ، 12649 بي، 3231 سي، 257 ڊي ۽ 11 اميدوار اِي گريڊ ۾ پاس ٿيا. جڏھن ته 1883 اميدوار فيل ڄاڻايا ويا آھن، 14 اميدوارن کي ڪاپي ڪيس ڪيو ويو، چئن اميدوارن جو مختلف سببن جي ڪري نتيجو روڪيو ويو آھي. ميٽرڪ سائنس گروپ ۾ اميدوارن جي پاس ٿيڻ جي شرح 95.74 سيڪڙو رھيو، جنهن ۾ پڻ ڇوڪريون اڳڀريون رھيون. ميل اميدوارن جي پاس ٿيڻ جي شرح 94.95 ۽ فيميل اميدوارن جي پاس ٿيڻ جي شرح 97.71 سيڪڙو رھي. ميٽرڪ جنرل گروپ ۾ 936 اميدوار رجسٽرڊ ٿيا، جن مان 7 اميدوار امتحان ۾ غير حاضر رھيا، 929 اميدوارن امتحان ۾ حصو ورتو، ڪو به اميدوار اي ون گريڊ حاصل نه ڪري سگھيو، اي گريڊ ۾ 97، بي ۾ 436، سي 243، ڊي  43 ۽ اِي گريڊ ۾ 7 اميدوار پاس ٿيا. مجموعي طور 929 اميدوارن مان 826 اميدوار سمورن پيپرن ۾ پاس ٿيا، جڏھن ته 70 اميدوار فيل ڄاڻايا ويا ، 22 اميدوارن جو نتيجو مختلف سببن جي ڪري روڪيو ويو آھي.