ڪراچي (نمائندن وٽان) سکر تعليمي بورڊ پاران ڏهين ڪلاس جي شاگردن کان امتحافي فيس اوڳاڙي خلاف گسٽا ۽ سکر ڊويزن جا شاگرد سراپا احتجاج، فيس اوڳاڙي جو فيصلو واپس نه وٺڻ جي صورت ۾ ڪلاسن جي بائيڪاٽ جو چتاءُ، فوري طور فيصلو واپس وٺڻ جو مطالبو. ان سلسلي ۾ گذريل ڏينهن خيرپور جي مختلف سرڪاري اسڪولن جي شاگردن پاران عبدالرزاق ميمڻ، الهبچايو، عثمان خان، صديق احمد، نثار احمد مري، سفير حسين،  غلام مصطفيٰ رند ۽ جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. جڏهن ته ڪنب ۾ گسٽا تعلقي ڪوٽڏيجي پاران استاد علي نواز پلھه، نياز حسين سوھو، ھمير حسين تمراڻي، خميسو خان گوپانگ، مداح حسين چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ پلي ڪارڊ ھٿن ۾ کڻي احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. ٺري ميرواھ گورنمينٽ بوائز هاء اسڪول جي شاگردن ۽ والدين پاران گسٽا تعلقي صدر جمال الدين شر، شرجيل شر، علي مردان شر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي. هڱورجا هائير سيڪنڊري ۾ ڪلاسن جو بائيڪاٽ ڪري ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي مور سنڌي، اعجاز خاصخيلي، سليمان ميمڻ، نور محمد سومرو جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. هوڏانهن ميرپور ماٿيلو ۾ نائين ۽ ڏھين ڪلاس جي شاگردن کان امتحاني فيس اوڳاڙڻ خلاف گسٽا ڊويزن سکر جي سڏ تي سعيد احمد نائچ، خميسو تنيو، زاھد ميراڻي، ظفر لاشاري، آصف سيال، سھيل لغاري جي اڳواڻيءَ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. ٻئي پاسي خانپورمهر ۾ سوين شاگردن توڙي استادن پاران استاد لياقت علي نوناري، علي نواز چنو  ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ ريلي ڪڍي احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو. احتجاجي مظاهرن دوران استادن ۽ شاگردن سکر بورڊ انتظاميا خلاف سخت نعريبازي ڪندي چيو ته ڳاٽي ٽوڙ مھانگائي جي ڪري غريب والدين اڳ ئي پريشان آھن. مٿان سکر تعليمي بورڊ سنڌ حڪومت پاران معاف ڪيل فيس اوڳاڙي شروع ڪري غريب شاگردن جو مستقبل داءُ تي لڳائي ڇڏيو آهي. شاگردن ۽ استادن سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ تعليم واري وزير سردار شاهه کي اپيل ڪئي ته نائين، ڏهين ۽ يارهين ٻارهين جي شاگردن جي امتحاني فيس اوڳاڙي وارو فيصلو واپس ورتو وڃي.