سکر بورڊ پاران امتحاني فيسز ۾هزارين رپيا واڌ، شاگرد ۽ شاگردياڻيون سراپا احتجاج

0
199

اڪري چودڳي (ن پ ا)  سکر بورڊ پاران نائين ۽ ڏھين درجي جي امتحاني فيسن ۾ هزارين رپيا واڌ خلاف اڪري چودڳي جي گورنمينٽ بوائز ايليمنٽري هاءِ اسڪول محمد خان شر جي نائين ۽ ڏھين درجي جي شاگردن ۽ شاگردياڻين پاران سخت احتجاج ڪيو ويو ، جنهن ۾ استادن پڻ شرڪت ڪئي

استاد آفتاب حسين راڄپر، غلام شبير ناريجو، غلام قمبر لاشاري، علي تقي شاهه، سرور نوراني، معشوق علي، عثمان خان جي اڳواڻي ۾ سوين شاگردن ۽ شاگردياڻين امتحاني فيس وٺڻ خلاف احتجاج ڪيو

احتجاج ڪندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين سنڌ حڪومت سرڪاري اسڪولن ۾ پڙھندڙ غريب ماڻھن جي اولاد کان مفت تعليم حاصل ڪرڻ جو حق به کسڻ جي ڪوشش پئي ڪري ۽ سنڌ واسين کي جهالت طرف ڌڪيو پيو وڃي

هنن چيو ته مهانگائي ۾ رڪارڊ اضافو ٿي رهيو آھي، غريب پورهيت طبقو ٻن ويلن جي ماني ڳڀي لاء پريشان آھن، مزدور طبقو پيٽ پالڻ ۾ پريشان آهي اهڙي ڏکي صورتحال ۾ سرڪاري اسڪولن ۾ پڙھندڙ شاگردن جا والدين ڳريون فيس ڪيئن ڀري سگهندا ۽ پڙهائي جاري رکڻ ناممڪن بڻجي ويندو

استادن جو چوڻ آهي ته امتحاني فيس نه ڀرڻ سبب مجبور ٿي مئٽرڪ جو امتحان به نه ڏئي سگهندا ۽ خاص ڪري نياڻين جي تعليم سخت متاثر ٿيندي ۽ 70 کان 80 سيڪڙو ٻار تعليم کان پري ٿي ويندا

استادن جو چيو ته پاڪستان جي آئين آرٽيڪل 25 جي مطابق 5 کان 16 سالن تائين جي عمر جي ٻارن جي تعليم مفت آهي پر بورڊ پاران فيس وٺڻ آئين جي خلاف ورزي پڻ آهي

احتجاجي شاگردن شاگردياڻين وزيراعليٰ سنڌ ، تعليم کاتي ۽ سکر بورڊ جي چيئرمين سميت اقتدار ڌڻين کان مطالبو ڪيو ته سکر بورڊ پاران هڪ دم تعليم دشمن  فيسن وارو فيصلو واپس وٺي عام ماڻھو جي اولاد کي مفت سرڪاري تعليم حاصل ڪرڻ جو حق ڏنو وڃي