سکر (بيورو رپورٽ) سکر بورڊ جي ماتحت يارھين ۽ ٻارھين جماعت جا امتحان  جاري، سکر، خيرپور ۽ گھوٽڪي ضلعن ۾ ٻارھين جماعت جي اميدوارن انگريزي ۽ اردو جو پيپر ڏنو، بورڊ جي ڪنٽرولر محمد رفيق پلھه مختلف امتحاني سينٽرن جو دورو ڪيو،دوري دوران ڪاپي ڪرڻ تي 144 اميدوارن کي ڪاپي ڪيس ڪيو ويو، جنھن ۾ گھوٽڪيءَ ۾ 28، خيرپور ۾ 110 ۽ سکر ۾ 06 اميدوارن کي ڪاپي ڪندي پڪڙيو ويو.