سکر (بيورو رپورٽ) سکر بس ٽرمينل ويجھو تيز رفتار ڪار جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر، کير وڪرو ڪندڙ لکي واسي پورھيت ٿڏي تي فوت، ڪار ڊرائيور گرفتار. سکر نيو بس ٽرمينل ڀرسان تيز رفتار ڪار جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر ٿيڻ جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل تي کير وڪرو ڪندڙ 40 ورھين جو نوجوان عبدالحميد مهر موقعي تي ئي فوت ٿي ويو. واقعي جو اطلاع ملڻ تي آباد پوليس لاش کڻائي سول اسپتال سکر آندو، جتان لاش قانوني ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.