سکر (بيورو رپورٽ) تير چوڪ تي برف خارڪاني مان امونيا گئس ليڪ ٿيڻ وارو معامرو، اي سيڪشن ٿاڻي تي سرڪار پاران ڪارخاني جي مالڪن خلاف ايف آءِ آر داخل، گرفتاري لاءِ ڇاپا، ان  ڏس ۾ سکر جي ڳتيل آبادي واري علائقي تير چوڪ، ڀٽا روڊ تي  برف خارڪاني مان زھريلي گئس امونيا ليڪ ٿيڻ واري معامري جو ڪيس سرڪاري پاران ھيڊ ڪانسٽيبل فيض محمد جوڻيجو جي فرياد تي اي سيڪشن ٿاڻي تي خارڪاني جي مالڪ امداد علي عرف پپو ميمڻ ۽ ڪاشف ميمڻ خلاف داخل ڪيو ويو آھي. فريادي داخل ايف آءِ آر ۾ موقف اختيار ڪيو آھي ته جوابدارن امداد عرف پپو ميمڻ ۽ ڪاشف ميمڻ ڄاڻي واڻي ماڻھن کي مارڻ لاءِ برف خاني ۾ لڳل گئس جا وال کولي زھريلي گئس ڦھيلائي ماحول خراب ڪري عوام جي زندگين کي نقصان پھچايو، جوابدار ڄاڻي واڻي وال کولي گئس ڦھلائڻ کان پوءِ فرار ٿي ويا، ايف آءِ آر ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آھي ته ڪارخاني مان خارج ٿيندڙ کيس اکين ۽ ساھ کي نقصان پھچايو، شھرين کي تڪليفن ۾ مبتلا ڪيو، واقعي واري ھنڌ پھتاسين ته ساھ منجھڻ لڳو، جوابدارن جي ڳولھا ڪئي پر ھو فرار ٿي ويا. اکين کي ساڙيندڙ گئس سبب ٻار بيھوش ٿي ويا. پوليس ايف آءِ آر داخل ڪرڻ کان پوءِ جوابدارن جي گرفتاريءَ لاءِ ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون آھن. ايس ايس پي سکر سنگھار ملڪ مطابق جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپن وارو سلسلو جاري آھي جلد کين گرفتار ڪيو ويندو. واضح رھي ته ڊي سي ۽ ايس ايس پي سکر  واقعي واري ھنڌ پھچي موقعي تي برف ڪارخاني کي سيل ڪرايو ھو.