سکر (بيورو رپورٽ) سکر بئراج مان لاش ملڻ وارو سلسلو رڪجي نه سگهيو، درياءَ ۾ لڙهي آيل وڌيڪ 4 لاش  بئراج جي دروازن وٽ ڦاٿل، ٻن ڏينهن اندر 8 لاش مليا، انتظاميا ٻن عورتن سميت صرف 5 لاش ڪڍرائي سگهي. سنڌوءَ جي تيز وهڪرن سبب 3 لاش نه نڪري سگهيا. درياءَ مان ڪڍيل لاشن جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي. پوليس لاش لاوارث ڄاڻائي ايڌي حوالي ڪري ڇڏيا. درياءَ مان ٻن ڏينهن اندر 8 لاش ملڻ سبب خوف ڇانئجي ويو. ان ڏس ۾ حاصل ڪيل ڄاڻ موجب سنڌو درياءَ ۾ پاڻي جي وهڪرن ۾ اضافي کانپوءِ سکر بئراج وٽان لاش ملڻ وارو سلسلو رڪجي نه سگهيو. ڪالهه به سکر بئراج جي مختلف گيٽن وٽان هڪ عورت سميت 4 نامعلوم لاش موجود هجڻ بابت ايڌي، سکر بئراج انتظاميا ۽ پوليس کي اطلاع ڏنو ويو، جنهن بعد پوليس مقامي ٽوٻن ۽ ايڌي جي رضاڪارن جي مدد سان بئراج جي گيٽ نمبر 32 ۽ گيٽ نمبر 60 مان هڪ عورت سميت ٻن ڄڻن جا لاش ڪڍرائي سول اسپتال منتقل ڪيا ويا، جڏهن ته گيٽ نمبر 32 ۽ 34 وٽ وڌيڪ ٻن لاشن جي موجودگي واري اطلاع باوجود لاش نڪري نه سگهيا. جڏهن ته گذريل ڏينهن هٿ آيل لاشن سميت پنج لاش لاوارث ڄاڻائي پوليس قانوني ڪارروائي بعد  ايڌي رضاڪارن حوالي ڪري ڇڏيا، جن کي لاوارث ڄاڻائي مقامي قبرستان ۾ دفنايو ويو. واضح رهي ته صرف ٻن ڏينهن اندر 8 لاش لڙهي اچڻ بعد شهرين ۾ خوف ڇانئجي ويو. هوڏانهن ايڌي سکر جي عملدار گل مهر موجب هڪ مهيني اندر پوليس معرفت 11 لاوارث لاش ايڌي رضاڪارن حوالي ڪيا ويا، جن کي غسل ڪفن ڏئي مقامي قبرستان ۾ دفنايو ويو.