لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) چيف انجنيئر سکر بئراج ليفٽ بئنڪ سکر ريجن پڌرو ڪيو آهي ته سکر بئراج مان نڪرندڙ ڪئنال سالياني وارا بندي جي سلسلي ۾ 6 جنوري کان 20 جنوري 2022ع تائين ضروري مرمت، سارسنڀال ۽ نگراني جي لاءِ بند ڪيا ويندا، جنهن دوران سکر بئراج مان نڪرندڙ ڪئنالن نارٿ ويسٽ ڪئنال، دادو ڪئنال، خيرپورفيڊر ايسٽ ڪئنال، خيرپور فيڊر ويسٽ ڪئنال، روهڙي ڪئنال، نارا ڪئنال ۽ ان سان لاڳاپيل شاخن ۾ پاڻي جو وهڪرو نه ڇڏيو ويندو. آبادگارن ۽ هارين کي صلاح ڏني وئي آهي ته اهي انهي عرصي دوران پنهنجي فصلن لاءِ پاڻي جو ٻيو متبادل بندوبست ڪن.