سکر (رپورٽ: فاروق سومرو) سکر جي چونڊيل نمائندن جي عدم دلچسپي ۽ انتظامي لاپرواھيءَ سبب برساتن کان پوءِ سکر جا اڪثر روڊ رستا هنڌان هنڌان اکڙي تباهه، شهر ۾ حادثا معمول بڻجي ويا. ان سلسلي ۾ خبر موجب گذريل برساتن بعد سکر شهر جي نئون ڳوٺ، بئراج روڊ، شڪارپور روڊ، قريشي روڊ سميت مختلف روڊن رستن جي ٻيهر تعمير ۽ مرمت نه ٿيڻ سبب شھري پريشانين کي منھن ڏيڻ تي مجبور آهن. ڪجهه هنڌن تي روڊن جي تعميراتي ڪم ۾ غير معياري مٽيريل جي استعمال سبب ريس ڪورس ۽ ملٽري روڊ تي بجريءَ سان ڀريل ٽريڪٽر ٽرالي ۽ ٽرڪ جا ٽائر زمين ۾ لھي ويا، جنهن سبب وزني ٽرڪ ڪار مٿان ڪلٽي ٿي پئي، نتيجي ۾ ڪار مڪمل طور تي تباھ ٿي وئي، جڏهن ته جاني نقصان کان بچاءُ ٿي ويو. بعد ۾ بجري خالي ڪري ھيوي مشينريءَ جي مدد سان گاڏين کي ڪڍيو ويو. واضح رهي ته گذريل شديد برساتن سبب سنڌ جي ٽئين نمبر وڏي شھر سکر جا اڪثر روڊ رستا تباھ حال بڻيل آھن. سکر جي نئون ڳوٺ، شڪارپور روڊ، بئراج روڊ، قريشي ڳوٺ، ڀوسا لائين سميت مختلف علائقن جا رھواسي سخت پريشانين کي منھن ڏيڻ تي مجبور آھن. اِن ڏس ۾ شھرين سنڌ حڪومت ۽ چونڊيل نمائندن کان مطالبو ڪيو ته تباھ حال روڊن جي معياري نموني تعمير ڪرائي سکر واسين ۾ پيدا ٿيل بيچيني ختم ڪئي وڃي.