سکر ايڪتا جي رنگن جو گلدستو بڻجي ويو، سنڌ امڙ جي نعرن جي گونج، جهنڊا ۽ ڪهاڙيون کڻي رقص

0
202
سکر ايڪتا جي رنگن

سکر (رپورٽ: فاروق سومرو) “ پنهنجي ايڪتا عيد” سکر ثقافتي رنگن ۾ رڱجي ويو، ضلعي جي مختلف شهرن ۽ ڳوٺن مان سياسي، سماجي، قومپرست جماعتن توڙي سول سوسائٽيز طرفان ريليون ڪڍي مک تقريب سکر پريس ڪلب ۽ گلوب چوڪ وٽ منعقد ڪئي وئي. ايڪتا ريلين سبب سکر جا روڊ رستا سنڌ امڙ جي نعرن سان گونجي اٿيا، ٽوپيون، اجرڪ، پٽڪا پھري ۽ ھٿن ۾ ڪھاڙيون ۽ جھنڊا کڻي هر عمر جي ماڻهن ريلين ۾ نوجوانن سميت هر عمر جي ماڻهن توڙي ٻارڙن انگ ۾ شرڪت ڪئي

ڪهاڙيون کڻي جهمر هڻندڙ نوجوان ۽ ٻارڙا ماڻهن جي نظرن جو مرڪز بڻيل رهيا. سماجي اڳواڻ شائستا کوسو جي اڳواڻيءَ ۾ عورتن جي ريلي ڪڍي وئي. ٽائيم نيوز ۽ پنھنجي اخبار جي سرواڻ محمد علي قاضيءَ طرفان ”سنڌ سان درد جو رشتو“ جي عنوان سان ايڪتا عيد سکر ۾ وڏي جوش ۽ جذبي سان ملھائي وئي

“پنھنجي ايڪتا عيد” جي موقعي تي سکر شھر ثقافتي رنڱن ۾ رنگجي ويو. ثقافتي ڏينهن تي ايڪتا جون مک تقريبون سکر پريس ڪلب ۽ گلوب چوڪ وٽ منعقد ڪيون ويون، جِتي سکر شهر جي مختلف علائقن گرم گودي، بشير آباد، سائيٽ ايريا، گوليمار، آباد لاکا، شمس آباد، نئوپنڊ، پراڻو سکر، چونا بٺا، بچل شاھ، نئون ڳوٺ، سوسائٽي کان ايندڙ ريليون شامل ٿي ويون. اهڙي طرح مينارا روڊ توڙي ملٽري روڊ تي عوام جو سمنڊ اٿلي پيو

برزگ، نوجوان توڙي ٻارڙا پرجوش نظر آيا. سڄو ڏينهن ايڪتا جا جرڪندا رھيا. صبح کان رات جو دير تائين سکر جا مصروف ترين روڊ، رستا، گھٽيون ۽ محلا سنڌ امڙ جي نعرن سان گونجندا رھيا. جڏهن ته سکر ضلعي جي ٻهراڙي وارن علائقن روهڙي، ڪنڌرا، صالح پٽ، باگڙجي، آرائين، آباد لاکا، تماچاڻي ۽ نصير آباد مان ماڻهو موٽرسائيڪلن ۽ گاڏين جي ريلين ۽ پيادل قافلن جي صورت ۾ شهر پهچي مکيه ريلين ۾ شامل ٿي ويا

سڄو شهر سنڌ امڙ جي نعرن سان گونجندو رهيو. سکر جي سٽي پوائنٽ، ملٽري روڊ، تير چوڪ، گهنٽا گهر، نيم جي چاڙهي، ايوب گيٽ، هوا بندر، شاليمار روڊ، ڊسٽرڪٽ جيل، جيئي شاهه چوڪ، جنات بلڊنگ، اسٽيشن روڊ، سکر ريلوي اسٽيشن وٽ سڄو ڏينهن ايڪتا ريلين جي اچ وڃ جاري رهي. سماجي اڳواڻ شائستا کوسو جي اڳواڻيءَ ۾ عورتن سکر پريس ڪلب وٽان ريلي ڪڍي وئي. ريليءَ ۾ شريڪ عورتن دھلن تي سنڌي سھرا ڳائي، جمھريون ھڻي پنھنجي ڌرتي ۽ ثقافت سان محبت جو اظھار ڪيو

ھي به پڙھندا

ڪراچي ۾ ايڪتا جي مُک تقريب دوران سمنڊ اُٿلي پيو، ٻوڏ متاثرن سان ايڪتا جو اظهار

سنڌ جي درد وساري خوشين ڏانهن واپسي، ٻوڏ متاثرن سان ايڪتا جو اظهار، واهڻ وستي ۾ ثقافتي جشن، رقص، ڪراچي ۾ مک تقريب