سکر: ايف آءِ اي ۾ وڏي پئماني تي بدليون ۽ مقرريون

0
295
ڪوئيٽا ۾ حواله هنڊي ۾ ملوث

سکر: ايف آءِ اي ۾ وڏي پئماني تي بدليون ۽ مقرريون ڪيون ويون آهن، 100 انسپيڪٽرز کي ھڪ صوبي کان ٻئي صوبي بدلي ڪيو ويو.

ڊائريڪٽر جنرل فيڊرل انويسٽيگيشن اسلام آباد طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ايف آءِ اي ڪرائيم توڙي ايف آءِ اي سائبر ڪرائيم ونگ ۾ انسپيڪٽرز جون صوبي سطح تي بدليون ۽ مقرر ڪيون ويون آهن.

ذريعن موجب ايف آءِ اي پوري ملڪ ۾ موجود انسپيڪٽر جي وڏي پئماني تي بدلين سبب ڪم متاثر ٿيڻ جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي جڏهن ته سنڌ کان پنجاب، ڪي پي ڪي، بلوچستان يا وري ڄاڻايل صوبن کان سنڌ ايندڙ انسپيڪٽر پريشانين م مبتلا ٿي ويا.

ذريعن موجب ٻين صوبن سان تعلق رکندڙ انسپيڪٽرز جي مقرر سبب صرف 5 ڏينھن آفيسن جو ڪاروھنوار ھلي سگھندو.

ذريعن موجب مختلف ڪيسن تي انسپيڪٽرز جي ھلندڙ جاچ پڻ متاثر ٿيڻ جو خدشو آھي، ھڪ صوبي کان ٻئي صوبي ۾ بدلين واري نوٽيفيڪشن سبب انسپيڪٽرز ۾ به پريشاني واري لھر ڇانيل آھي.