سکر (بيورو رپورٽ) سکر جي سرڪاري اسڪول ۾ معصوم شاگرد پراسرار نموني تيزاب لڳڻ سبب زخمي، متاثر نينگر جي والد جو ٻئي شاگرد مٿان جهيڙي دوران تيزاب اڇلائڻ جو الزام. ان ڏس ۾ مليل ڄاڻ موجب سکر مينارا روڊ تي واقع گورنمينٽ نيشنل ماڊرن هاءِ اسڪول ۾ ٻئي ڪلاس جو شاگرد ستن ورهين جو مطيع الله ولد محمد سجاد چاچڙ پراسرار نموني تيزاب سبب زخمي ٿي پيو آهي. نينگر جو چهرو ۽ ٽنگون متاثر ٿيون آهن. متاثر نينگر جي والد سجاد چاچڙ ميڊيا کي ٻڌايو ته زخمي ٻار کي فوري طور تي اسڪول انتظاميا فرسٽ ايڊ به فراهم نه ڪئي، اسڪول جي پرنسپل سميع جتوئي کي به شڪايت ڪئي پر هن ڪابه مناسب ورندي نه ڏني. هن ٻڌايو ته اسڪول ۾ پڙهندڙ شاگرد جهيڙي دوران واش روم ۾ پيل تيزاب منهنجي پٽ مٿان اڇلايو، ڊاڪٽر 72 ڪلاڪن کانپوءِ ٻڌائڻ جو چيو آهي ته نينگر جي سرجري ٿيندي يا علاج هيٺ رهڻ بعد ٺيڪ ٿيندو. هن اختيارين کان جاچ ڪري ذميوارن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي. ٻئي طرف اسڪول انتظاميا مطابق واش روم صاف ڪندڙ ملازم تيزاب رکي ڪنهن ڪم سان ٻاهر ويو ته پٺيان ٻئي ٻارڙا واش روم ويا، جن مان هڪ ٻار مٿان واش روم صاف ڪرڻ لاء آندل تيزاب هارجي ويو. جيڪڏهن ان ۾ عملي جي ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي ثابت ٿي ته ذميوارن خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي. ٻئي پاسي صفائي ڪندڙ ملازم کي پوليس اطلاع ملڻ تي گرفتار ڪري ورتو آهي. هوڏانهن ڊائريڪٽر اسڪولز پڻ معاملي جي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.  آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.