سکر (بيورو رپورٽ) اين آءِ سي وي ڊي اسپتال سکر ۾ جوائنٽ ايڪشن ڪاميٽيءَ طرفان مئنجيمينٽ خلاف او پي ڊيز ۽ جنرل وارڊس جو بائيڪاٽ ڪندي احتجاجي مظاھرو ڪري اسپتال سامھون ڌرڻو ھنيو ويو، اِن موقعي تي وحيد احمد مغيري، زاھد چاچڙ، محمد عامر، صبا قريشي ۽ ٻين چيو ته اين آءِ سي وي ڊي اسپتال جي مئنيجمينٽ ناانصافي ڪندي ملازمن جي ماھوار پگھارن ۾ غيرقانوني طور ڪٽوتي ڪري رھي آھي، ملڪ ۾ صحت کاتي سان لاڳاپيل عملي کي ڪووڊ رسڪ الائونس ڏنو پيو وڃي پر اسان کي ھن وقت تائين رسڪ الائونس کان به محروم رکيو ويو آھي. ھنن اسپتال جي ايڊمن جو ڊوميسائيل ڪي پي ڪي جو آھي، جيڪو ملازمن کان ڊيوٽي ڪارڊ کسي کين نوڪرين کان ڪڍي ڇڏي ٿو، اڳواڻن چيو ته جيستائين سندن جائز مطالبا تسليم نه ڪيا ويندا احتجاج جاري رھندي، ٻئي طرف اسپتال جي عملي طرفان بائيڪاٽ سبب دل جي مريضن کي سخت پريشانين کي منھن ڏيڻو پئجي ويو.