سکر (بيورو رپورٽ) سکر سول اسپتال مان پراسرار نموني اغوا ٿيل معصوم ٻارڙو بازياب ڪرائڻ ۾ پوليس ناڪام، ڊاڪٽرن ۽ عملي مٿان داخل ايف آءِ آر درج ڪرڻ خلاف او پي ڊي جو بائيڪاٽ ۽ احتجاج وارو سلسلو جاري. ڊاڪٽرن توڙي پيرا ميڊيڪل عملي پاران ايف آءِ آر ختم ڪرڻ ۽ رسڪ الائونس جي بحالي لاءِ او پي ڊي بلاڪ ٻاھران احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. اِن موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر عبدالمجيد جتوئي، عبدالقيوم، عمران ڪالادي، فريد احمد، ريحانه ۽ ٻين چيو ته ٻارڙي جي بازيابي متعلق پوليس سان ھر ممڪن سھڪار ڪيو، پوليس معاملي جي صحيح رخ ۾ جاچ بدران سينيئر ڊاڪٽرن ۽ عملي مٿان ايف آءِ آر داخل ڪري ڇڏي. ھنن واضح ڪيو ته ڊاڪٽرن ۽ عملي خلاف داخل ايف آءِ آر جي خاتمي تائين او پي ڊي جو بائيڪاٽ جاري رھندو.