سکر، جوهي ۽ ٽنڊو آدم ۾ مبينا پوليس مقابلن دوران 4 جوابدار زخمي حالت ۾ گرفتار

0
214
سکر، جوهي ۽ ٽنڊو آدم ۾ مبينا

ڪراچي (نمائندن وٽان) سکر، جوهي ۽ ٽنڊو آدم ۾ مبينا پوليس مقابلن دوران 4 جوابدار زخمي حالت ۾ گرفتار، سکر جي بي سيڪشن پوليس پاران  مقابلي دوران راشد عباسي کي زخمي حالت ۾  گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي، پوليس موجب گرفتار ڏوهاري جي قبضي مان پسٽل ۽ گوليون هٿ آيون

سي سيڪشن پوليس پاران  به لينس ڊائون پل ويجهو مقابلي ۾ ڏوهاري کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي، پوليس موجب گرفتار ڪيل جوابدار جي سڃاڻپ حذيفه ميمڻ طور ٿي

جوهي پوليس پاران به هڪ جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ، پوليس موجب سائي موري وٽ مقابلي دوران ڳوٺ شادڻ واسي جوابدار حيات برهماڻي کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو

 گرفتار نوجوان جي وارثن جو چوڻ آهي ته حيات کي 2 ڏينهن اڳ دادو ڪورٽ مان کنڀي گم ڪيو ويو هو، اڄ هاف فراءِ ڪيو ويو

 ٽنڊو آدم پوليس پاران گشت دوران ڏوهارين سان مقابلي دوران هڪ جوابدار کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي

 پوليس موجب فائرنگ جي ڏي وٺ دوران ميان بخش لنجواڻي کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو، 3 جوابدار فرار ٿي ويا

هي به پڙهندا

خانپور ڀرسان هٿياربندن جي فائرنگ، معذور ناري قتل