ڇاڇرو (ن پ ا) ٿرپارڪر جي ناليواري سماج سڌارڪ ۽ تعليم لاءِ جدوجهد ڪندڙ سچل جنجهي جي 32 ورسي جي مناسبت سان تقريب سندس ڳوٺ جنجهي جي هائير سيڪنڊري اسڪول ۾ ٿي، جنهن ۾ علائقي جي استادن، شاگردن ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، تقريب کي ڊاڪٽر سلطان جنجهي، ڪامريڊ  سجاد ظهير، ڀمرلال، صديق هاليپوٽو، اڪبر رند ، شمس راٺوڙ ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سچل جنجهي هڪ فرد نه پر ادارو هو، هڪ ماستر پنهنجي هڙان وڙان خرچ ڪري تعليم جي لاٽ ٻاري پنهنجي گهر کي هاسٽل بڻائي ٻهراڙي جي غريب شاگردن کي علم سان روشناس ڪيو، هنن چيو ته ڪامريڊ ڄام ساقي جي ڪردار پويان سچل جنجهي جهڙي اڏول انسان جو هٿ هو، هن نئين روايتن کي جنم ڏنو ٿر ۾ نياڻين جي تعليم ۾ انقلابي قدم کنيا.