اسلام آباد (م ڊ) سڄي ملڪ ۾ 560 ڪورونا مريضن جو وينٽيليٽر تي علاج هلندڙ آهي، گوجرانوالا ۾ 86 سيڪڙو، ملتان ۾ 86 سيڪڙو ، لاهور ۾ 81 سيڪڙو مريض وينٽيليٽر تي آهن، لاهور جي وڏين سرڪاري اسپتالن ۾ وينٽيليٽرز ناياب ٿي ويا، لاهور جي 16 سرڪاري اسپتالن جا آءِ سي يوز 86 سيڪڙو ڀرجي ويا، ميو اسپتال جي سمورن 84 ئي وينٽيليٽرز تي مريضن هلاج هيٺ آهن، جنرل اسپتال جي 30 مان 29، جناح اسپتال جي 40 مان 36، گنگارام جي 20 مان 13 وينٽيليٽرز تي موجود آهن، صرف 12 وينٽيليٽرز خالي پيل آهن، ڪي پي ۾ آڪسيجن جي استعمال ۾ 83 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، جنهن ڪري آڪسيجن جي کوٽ جو خدشو آهي، پشاور جي 8 وڏين اسپتالن ۾ آڪسيجن جو روزاني استعمال 40 هزار کان وڌي ڪري 72 هزار 500 ليٽر ٿي ويو آهي، ڪي پي ۾ 82 مريضن کي وينٽيليٽرز تي منتقل ڪيو ويو آهي. ڪي پي ڪي ۾ ڏيڍ هفتي ۾ 8 وڏين اسپتالن ۾ آڪسيجن جو استعمال 83 سيڪڙو وڌي ويو، ڪوئيٽا جي فاطمه جناح اسپتال جو آڪسيجن پلانٽ غيرفعال بڻجي ويو آهي.