سڄي ملڪ ۾ دڪان رات 8 وڳي بند ڪرڻ جو فيصلو

0
295
سڄي ملڪ ۾ دڪان رات 8 وڳي بند ڪرڻ جو فيصلو
سڄي ملڪ ۾ دڪان رات 8 وڳي بند ڪرڻ جو فيصلو

وفاقي سرڪار پاران توانائي بچائڻ لاءِ دڪان رات 8 وڳي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي

قومي اقتصادي ڪائونسل جي اجلاس ۾ ڪمرشل ايرياز رات 8 وڳي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو

وزيراعظم جي صدارت هيٺ اجلاس بعد وفاقي وزير احسن اقبال چيو ته گرين انرجي کي هٿي ڏني ويندي، ايل اي ڊي بلب لڳايا ويندا

اجلاس ۾ فائيو اي فريم ورڪ جي منظوري ڏني وئي، انٽرنيٽ فار آل کي هٿي ڏيڻ سان گڏ اِي پاڪستان وسيلي ڊجيٽل انقلاب آندو ويندو

وزير اعظم کي ٻڌايو ويو ته نيشنل فلڊ پروٽيڪشن ۽ فوڊ سيڪيورٽي گرين انقلاب جا منضوبا به شروع ڪيا ويندا