لاهور (م ڊ) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان ڪراچي سوڌو سڄي ملڪ ۾ جلسن جو اعلان ڪري ڇڏيو، اڳوڻي وزيراعظم چيو آهي ته آمريڪا جي غلامي نه دوستي چاهيان ٿو، امپورٽڊ حڪومت کي هٽائي نئين اليڪشن تائين جدوجهد جاري رکنداسين، ايندڙ 14 آگسٽ تائين اسان حقيقي آزادي حاصل ڪري وٺنداسين، عوام وٽ وڃڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ايندڙ هفتي راولپنڊي ۾ جلسو ڪندس، ملڪ جي سڀ کان وڏي ڦورو زرداري سنڌ جي عوام کي غلام بڻائي رکيو آهي

لاهور جي هاڪي اسٽڊيم تحريڪ انصاف سياسي طاقت جو مظاهرو ڪيو، جلسي ۾ وڏي تعداد ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي، جلسي کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته آئون آمريڪا سميت ڪنهن به ملڪ جو مخالف آهيان، آمريڪا پاڪستان جو سڀ کان وڏو واپاري پارٽنر آهي، اسانجي سڀ کان وڌيڪ ايڪسپورٽ آمريڪا سان آهي، آئون آمريڪا سان دوستي چاهيان ٿو، غلامي نٿو چاهيان، آئون آمريڪا ۽ اولهه جي تهذيب کي چڱي ريت سڃاڻا ٿو، ڪرڪيٽ جي زماني کان اتي ويس، رهيس، اولهه جي ذهنيت آهي ته جيڪڏهن ڪو انهن جي پيرن ۾ ڪرندو آهي ته هو ان کي استعمال ڪندا آهن، جيڪڏهن اوهان پنهنجي ملڪي مفادن لاءِ ڄمي بيهندا ته هنن کي سٺو نه لڳندو پر هو اوهان جي عزت ڪندا، آئون جڏهن سياست ۾ آيس ته اهو عهد ڪيو ته نه آئون ڪنهن آڏو جهڪندس ۽ نه وري قوم کي ڪنهن آڏو جهڪڻ

ڏيندس، مونکي الله سائين سڀني کان وڌيڪ شهريت ۽ پيسو ڏنو
سياست ۾ اچڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي، ڪهڙي ضرورت هئي جو 26 سال هنن گندن ماڻهن سان مٿو هڻان، مونکي افسوس ٿيندو هو جڏهن به ڪو گورو ايندو هو ته اسانجا سياستدان ان آڏو هٿ ٻڌي بيهندا هئا، آئون دعا گهرندو هيس ته الله سائين جيڪڏهن مونکي موقعو ڏنو ته قوم کي خوددار بڻائيندس. اڳوڻي وزيراعظم چيوته آمريڪي عملدار ڊونلڊ لو اسانجي سفير کي اچي چيو ته پاڪستان جي وزيراعظم عمران خان کي بي اعتمادي رٿ ذريعي نه هٽايو ته پاڪستان کي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوندو، روس جي دوري تي هو ڪاوڙجي پيا، مونکي خبر پئي ته پنهنجي سفارتخاني کي چيو ته مونکي روس جي دوري کان روڪڻ وارا ڪير ٿيندا آهن، آئون روس کان سستو تيل ۽ ڪڻڪ وٺڻ لاءِ ويو هيس، روس کان گيس وٺڻي هئي، روسي صدر اسانجي مدد لاءِ تيار هو

اسانجي حڪومت آمريڪا آڏو ليٽيل آهن، قوم کي گڏ ڪندس، اسان پاڻ گڏجي ملڪ جو قرض لاهينداسين ۽ ملڪ ۾ خوشحالي آڻينداسين، هن چيو ته امپورٽڊ حڪومت کي هٽائي اليڪشن ڪرائڻ تائين جدوجهد ڪنداسين، هن چيو ته انصاف سان معاشرو ٺهندو آهي، جتي قانون جي حڪمراني هجي، عدل ۽ انصاف کانسواءِ ماڻهو آزاد ٿي نٿا سگهن، هتي ڪمزور طاقتور آڏو بيوس آهي، ڪمزور کي انصاف نٿو ملي، عوام کي جيستائين حق نه ملندا اهي غلامي مان آزاد نه ٿي سگهندا، عمران خان چيو ته اسانجي دور ۾ مولانا ڊيزل 2 ۽ ڪانپين ٽانگني واري هڪ ڌرڻو هنيو، جن کي اسان اجازت ڏني، اسانجي 25 مئي واري پرامن احتجاج تي وحشياڻو تشدد ڪيو ويو. عمران چيو ته اڄ آئون پنهنجي زندگي جو سڀ کان بهترين 14 آگسٽ ملهايو آهي

منهنجي دل چوي ٿي ته ايندڙ 14 آگسٽ تائين حقيقي آزادي وٺي چڪا هونداسين. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته اسانجي حڪومت ڪيرائيندڙ هاڻي نئين سازش ڪري رهيا آهن ته مون تي ڪيس داخل ڪرائي نااهل ڪرائن ۽ نوازشريف کي واپس آڻن ۽ پوءِ چوندا ته اسان عمران خان کي به اليڪشن وڙهڻ ڏيون ٿا، نوازشريف کي به اليڪشن وڙهڻ ڏيو، اهڙي سازش ڪندڙن کي آئون واضح ڪرڻ چاهيان ٿو ته آئون ڪابه ڊيل نه ڪندس.هن چيو ته عدليا کي ورهايو پيو وڃي ته جيئن هي پنهنجا من پسند فيصلا حاصل ڪري سگهن، منهنجي خلاف مهم هلائي پئي وڃي ته عمران خان شهيدن خلاف آهي، شرم ڪريو، ايئن ڪيئن ٿو ٿي سگهي ته آئون پنهنجي ملڪ جي فوج کي ڪمزور ٿيڻ ڏيان، آئون ڪيئن ٿو چاهي سگهان ته پاڪستان جي فوج ڪمزور ٿئي، ملڪ جي سڀ کان وڏي پارٽي کي فوج سان ويڙهائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، اسان به ملڪ کي ڪمزور ڪرڻ جي پرڏيهي سازش جو حصو آهي. هن چيو ته اڄ سوشل ميڊيا جي ٻارن کي پڪڙي کڻي وڃي رهيا آهن

تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان ايندڙ هفتي کان سڄي ملڪ ۾ جلسن جو اعلان ڪندي چيو ته عوام ۾ نڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، پهريون جلسو راولپندي پنڊي ۾ ڪندس، ڪجهه ڏينهن بعد ڪراچي ويندس، زرداري جو مقابلي ڪرڻ لاءِ سنڌ اچي رهيو آهيان، پاڪستان جي سڀ کان وڏي ڦورو سنڌ جي عوام کي غلام بڻائي رکيو آهي، مٿن ظلم ڪيا پيا وڃن، هي عوام جا پيسا ڦريندو آهي، حيدرآباد، سکر، اسلام آباد، پشاور، مردان، اٽڪ، ايبٽ آباد، ملتان، بهاولپور، سرگوڌا، جهلم، فيصل آباد، گجرات، گوجرانوالا ۽ ڪوئيٽا ۾ به ويندس، عوام ۽ پارٽي تياري ڪري، حقيقي آزادي جي جهنگ آخري مرحلي ۾ پهچائڻي آهي

هن چيو ته هڪ نوجوانن جي ٽائيگر فورس ٺاهي رهيو آهيان، جنهن ۾ اسانجون نياڻيون ۽ نوجوان هوندا، تحريڪ انصاف چيئرمين چيو ته ملڪ تي 30 سال ٻن خاندانن حڪمراني ڪري ملڪ کي هن حالت ۾ پهچايو، هاڻ چون ٿا ته جيڪڏهن آمريڪا جي غلامي نه ڪئي ته ڏيوالو نڪري ويندو، شهبازشريف کي ڪرائيم منسٽر قرار ڏيندي هن چيو ته جڏهن ملڪ جو وزيراعظم ۽ دفاع وارو وزير چون آمريڪا کانسواءِ اسان زنده نٿا رهي سگهون ته اوهان ٻڌايو دنيا ۾ اسانجي ڪهڙي عزت هوندي، جنهن ملڪ جو وزيراعظم دنيا ۾ فقير وانگر گهمي ان ملڪ جي شهرين جي ڪهڙي عزت هوندي، نوازشريف آمريڪا جي اڳوڻي صدر اوباما سان مليو ته هن جون ”ڪانپين ٽانگ رهي تهي“. هن چيو ته اڳوڻي آمريڪي صدر ٽرمپ سان منهنجا لاڳاپا سٺا هئا

آمريڪي سفارتخاني کان پڇي وٺو جيترو پروٽوڪول انهن مونکي ڏنو، ايترو ڪنهن به پاڪستاني وزيراعظم کي نه ڏنو هوندو، عمران خان چيو ته آمريڪا مشرف کي ڌمڪي ڏني ته آمريڪا جي جنگ ۾ پاڪستان شرڪت نه ڪئي ته پاڪستان کي تباهه ڪري ڇڏيندا، اسانجي ملڪ جو سربراهه مشرف ان وقت آمريڪا آڏو گوڏا کوڙي ڇڏيا ۽ ان جي بدلي اسان کي 80 هزار پاڪستانين جي قرباني ڏيڻي پئي، دنيا جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو غلامي جي اها انتها هئي ته اسان جنگ به آمريڪا جي وڙهون پيا، جانيون ڏئي رهيا هئاسين ۽ مٿان وري 400 ڊرون حملا به اسان تي ڪيا ويا، ڇا برطانيا پاڪستان کي اجازت ڏيندو ته اسان الطاف حسين تي ڊرون حملو ڪريون؟ هو چوندا ته اهو اسانجي قانون خلاف آهي، اوهان عدالت ۾ وڃي ثابت ڪريو ته هو گناهگار آهي پر اسان وٽ ڪنهن ۾ همٿ نه هئي جو آمريڪا کي چون ته اوهان غلط ڪري رهيا آهيون، نوازشريف ۽ آصف زرداري لفظ نه ڪڇندا هئا

ڇاڪاڻ هنن جا پيسا ٻاهر پيل آهن، هي ڊڄندا هئا ته ڪٿي پيسا نه لڙهي وڃن. هن چيو ته آئون اوهان کي اڄ حقيقي آزادي جو رستو ٻڌائيندس، 4 قسمن جي غلامي هوندي آهي، اسان لکين جانيون ڏئي ملڪ آزاد ڪرايو، قائد اعظم پهرين انگريزن جي غلامي مان ڇوٽڪارو ڏياريو، ٻئي ذهني غلامي هوندي آهي، اسانکي نبي جي نقشي قدم تي هلندي نوجوانن کي ذهني غلامي مان ڇوٽڪارو ڏيارڻو آهي، نوجوانن کي تعليم ڏيڻي آهي، اسانجي نبي چيو ته تعليم لاءِ جيڪڏهن چين وڃڻو پوي ته به وڃو،ٽئين غلامي خوف جي هوندي آهي، جيڪا سڀ کان وڌيڪ خوفناڪ هوندي آهي، اڄ ماڻهن کي ڊيڄاريو پيو وڃي، موت کان ڊڄندڙ ڪنهن به شخص اڄ تائين ڪو وڏو ڪم ناهي ڪيو، ڪربلا واقعو انساني تاريخ جو وڏو سانحو هو، ڪوفي جي ماڻهن کي خبر هئي ته امام حسين حق تي آهي پر انهن يزيد جي خوف سبب سندس مدد نه ڪئي، بعد ۾ ڪوفي جي ماڻهن پڇتايو، نبي ڪريم صلعم ماڻهن کي خوف جي غلامي مان ڪڍيو

غلام صرف سٺا غلام بڻجندا آهن، هڪ غلام قوم ڪڏهن مٿي ناهي ايندي، غلامي انسان جي عزت ۽ نفس ختم ڪري ڇڏيندي آهي،عمران خان حڪمران اتحاد تي تنقيد ڪندي چيو ته مخالف 26 سالن کان منهنجي ڪردار ڪشي ڪري رهيا آهن، مون تي گندا ڪتاب لکرايا پر اوهان اڄ سڀ منهنجي حوصلا افزائي لاءِ هتي آيا آهيو، ڇاڪاڻ عزت ۽ ذلت الله جي هٿ ۾ آهي، ايئن نه هجي ها ته پيسي وارا ماڻهو عزت خريد ڪن ها. اسان سڄي آڏو هٿ ڇو ٽنگيندا آهيون. تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان قائد اعظم جي پراڻي هڪ تقرير واري وڊيو هلائرائي، جنهن ۾ قائد اعظم چيو ته اسان انگريز جي غلامي مان نڪري هندن جي غلامي ۾ نٿا وڃي سگهون، اسان هڪ آزاد ملڪ ٺاهڻ چاهيون ٿا، ڇاڪاڻ مسلمان هميشه آزادي لاءِ جدوجهد ڪندو آهي

ھي به پڙھندا

جشن آزادي تي قيدين جي سزا ۾ گهٽتائي جو اعلان

غير قانوني فنڊز ڪيس: عمران خان کان تفصيل طلب

پاڪستان جا جهنڊا لاهڻ جي حرڪت برداشت ناهي: شرجيل انعام