اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اين سي او سي ڪوورنا وائرس جِي پکيڙ ۾ اضافي کانپوءِ سڄي ملڪ ۾ انڊور ۽ آئوٽ ڊور شادي تقريبن تي پابندي لڳائڻ جو فيصلو ڪري ورتو، صوبن کي ڪورونا ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته ڪورونا ٽيسٽ مثبت اچــڻ جِي شرح ۾ اضافي بعد اسپتالون تيزي سان ڀرجي رهيون آهن، ملڪ ۾ ڪورونا ٽيسٽ مثبت اچڻ جِي شرح 10 ڏهائي 4 سيڪڙو رهي، وڌيڪ 57 شهرين دم ڏئي ڇڏيو. ٻئي پاسي ڪراچي جي ڪورنگي ضلعي جي ڪجهه علائقن ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو،  ڪورنگي جي بلال ڪالوني، ناصر ڪالوني، چڪرا ڳوٺ، ماڊل ٽائون ۽ سعود آباد ۾ 15 ڏينهن لاءِ سمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪيو ويو، متاثر علائقن ۾ ماسڪ جو استعمال لازمي قرار ڏنو ويو