سڄي مافيا گڏجي اين آر او وٺڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي:وزيراعظم

0
360
گڏيل مفادن واري ڪائونسل

پشاور (بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پنجاب جو وڏو سياستدان پئسو بچائڻ لاءِ لنڊن فرار ٿي ويو، لنڊن ۾ لڪي ويٺل گهڻي دير تائين بچي نه سگهندو، کيس ضرور ڏيهه واپس آڻينداسين، پشاور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي عمران خان چيو آهي ته سڄي مافيا گڏجي اين آر او وٺڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، آئون ڪڏهن به کين اين آر او نه ڏيندس، اميرن لاءِ اين آر او ۽ غريبن لاءِ جيل ملڪ جي تباهي جو سبب بڻيا، هن چيو آهي ته مديني جي رياست ۾ قانون سڀني لاءِ هڪجهڙو هوندو آهي، مافيا کي قانون جي ماتحت آڻي ڏيکاريندس، وزيراعظم چيو ته پختونخواه جي عوام ۾ شعور آهي، تنهن ڪري پي ٽي آءِ کي 2 ڀاڱي 3 اڪثريت ڏني، جڏهن ته اسان جي پهرين حڪومت آئي هئي ته ڪي پي ۾ سڀ کان گهٽ مهانگائي هئي، هن چيو آهي ته مهمنڊ ڊئم جو منصوبو 2025ع تائين مڪمل ٿي ويندو، ڊئم سان پشاور لاءِ پيئڻ جي پاڻي جو مسئلو حل ٿي ويندو ۽ شهر سستي بجلي مهيا ٿيندي، 2028 تائين ٻيا ڊيم ٺهي ويندا جنهن سان ڪافي مسئلا حل ٿي ويندا. هن چيو آهي ته نيا پاڪستان تحت گهر ٺاهي غريبن کي ڏئي رهيا آهيون، جيڪي ڀاڙي جي گهرن ۾ رهن ٿا اهي سڀاڻي مالڪ ٿي ويندا.