ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) پيٽروليم شين ۾ واڌ، انٽر سٽي ۽ انٽرا سٽي ٽرانسپورٽ جي ڀاڙن ۾ به ڳاٽي ٽوڙ واڌ، ڪراچي شهر اندر موسائيڪل،  ڪار توڙي رڪشائن وارين هلندڙ آن لائين  سروسز ۾ شامل  50 سيڪڙو کان وڌيڪ ماڻهن ( ڊرائيورن) گاڏيون بيهاري ڇڏيون،  هزارين ماڻهن جو روزگار داءُ تي لڳي ويو،    ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب ته ڪراچي شهر ۾ هلندڙ مني بسن وارن پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ واڌ ٿيڻ کانپوءِ گھٽ ۾ گھٽ ڀاڙو 25 مان وڌائي 40 رپيا ڪري ڇڏيو آهي، اهڙي طرح ڪراچي کان بدين، گھوٽڪي، ميرپوورخاص، صادق آباد ۽ ٻين شهرن ڏانهن ويندڙ ڪوچ وارن پڻ  ڀاڙن ۾ 40 سيڪڙو تائين ڀاڙن ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي، ڪراچي کان گھوٽڪي جو ڀاڙو 1200 مان وڌائي 1600 کان 1700 رپيا مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪراچي کان بدين 800 مان وڌائي 900 رپيا، حيدرآباد جو ڀاڙو به 600 کان 700 رپيا مقرر ڪيو ويو آهي. ڪراچي شهر اندر هلندڙ آن لائين ٽرانسپورٽ سروسز پڻ نوان ڀاڙا مقرر ڪرڻ تي غور شروع ڪيو آهي، هن وقت تائين  ڀاڙن ۾ واڌ جو باضابطه اعلان نه ٿيڻ ڪري آن لائين سروسز ۾ هلندڙ 50 سيڪڙو رڪشا، موٽرسائيڪلون توڙي ڪارون بند ٿي ويون آهن، هوڏانهن  تيل اگهن ۾ واڌ سبب بند ٿيل آن لائين سروس  سوئيول اڃا تائين  بحال نه ٿي سگهي آهي