ڪراچي(رپورٽ : حبيب جمالي ۽ شاهد ميراڻي) سنڌ ۾ بجلي بحران سبب پرڳڻي جون مارڪيٽون، بازارون، دڪان ۽ شاپنگ مال رات جو 9 وڳي بند ڪرڻ جو حڪم، گھروکاتي نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، آءِ جي سنڌ طرفان قلم 144 تي عمل ڪرائڻ جو حڪم، واپارين طرفان فيصلو رد، ان ڏس ۾ گھروکاتي طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن  موجب سنڌ ۾ مارڪيٽون، بازارون، دڪان ۽ شاپنگ مال توڙي بجلي تي روشن ٿيندڙ  اشتهاري بورڊ ۽ بل بورڊ اڄ کان رات جو 9 وڳي بند ڪيا ويندا، جڏهن ته شادي هال، بينڪوئٽس ۽ شادي پروگرام رات جو ساڍا 10 وڳي بند ٿيندا، هوٽلون، ريسٽورنٽ ۾ ڪافي شاپس رات جو 11 وڳي بند ڪرايا ويندا، نوٽيفڪيشن موجب ميڊيڪل اسٽور، اسپتالون پيٽرول پمپ، بيڪري ۽ کير جا دڪان پابندي کان آجا هوندا، نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو ته  بجلي جي بحران کي نظر ۾ رکندي وفاقي ڪابينا ڪاروباري وقت ۾ تبديلي جو فيصلو ڪيو هو، وفاقي ڪابينا جي فيصلي جي روشني ۾ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ سمورن ڊي آءِ جيز، ايس ايس پيز ۽ ايس ڊي پي اوز کي حڪم ڪيو آهي ته صوبي ۾ قلم 144 تي عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي، ڊي آءِ جيز، ايس ايس پيز ۽ ايس ڊي پي اوز ڪاررواين جي پاڻ نگراني ڪن. هوڏانهن واپارين سنڌ سرڪار جي اهڙي اعلان کي رد ڪري ڇڏيو آهي، ان حوالي سان آل پاڪستان انجمن تاجران جي صدر  اجمل بلوچ چيو آهي ته سنڌ جا واپاري ڪنهن به صورت ۾ رات 9 وڳي ڪاروبار بند نه ڪندا، سنڌ حڪومت واپارين لاءِ ڏکيائن بجاءِ آسانيون پيدا ڪري، هن چيو ته جيڪي سيڪٽر مفت بجلي استعمال ڪن ٿا، انهن  جي بجلي بند ڪري بچت ڪري سگھجي ٿي، حڪمران پنهنجا ايئرڪنڊيشنڊ بند ڪن ته غريبن جا پکا هلي سگھن ٿا. هن چيو ته واپارين کي هر صورت ۾ بجلي فراهم ڪئي وڃي،  جيڪڏهن حڪومت واپارين کي بجلي  مهيا نٿي ڪري سگھي ته پوءِ جنريٽر هلائي ڪاروبار ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي، هن چيو ته گرمي جي مند ۾ شهري شام جو خريداري لاءِ گھران نڪرن ٿا، حڪومت وري شام جو ڪاروبار بند ڪرائڻ چاهي ٿي، هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن 9 وڳي ڪاروبار بند ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي ته مزاحمت ڪنداسين. هوڏانهن سمال ٽريڊرز جي اڳواڻ محمود حامد چيو آهي ته واپاري ڪورونا پابندين بعد اڃا مَس وڃي معاشي طور تي پيرن تي بيٺا آهن ته مٿان وري ٻيوو حڪمنامو اچي ويو آهي، هن چيو ته ڪاروبار تي بندشون هڻي حڪمران ملڪي معيشت کي  ڪيئن بهتر ڪندا؟ هن چيو ته سرڪار اهڙن فيصلن تي واپارين سان ڪا به مشاورت ناهي ڪئي ، سنڌ سرڪار جو فيصلو قبول ناهي. ٻئي طرف سنڌ سرڪار جي حڪم نامي تي جزوي عمل ٿي سگهيو، ڪراچي ۾ پوليس ڪجهه مارڪيٽون بند ڪرايون،  فوڊ اسٽريٽ ۽  مال کليل رهيا، جڏهن ته حيدرآباد ۾ به 9 وڳي ڪاروباري مرڪز ۽ شادي هال بند ڪرڻ واري فيصلي تي مڪمل طور عمل نه ٿي سگهيو. رات جا 9 ٿيندي ئي لطيف آباد، قاسم آباد، سٽي توڙي ٻين علائقن ۾ لاڳاپيل ٿاڻن جي پوليس پهچي مک مارڪيٽون بند ڪرائي ڇڏيون، جڏهن ته جمع جو ڏينهن هئڻ ۽ شهر جا ڪاروباري مرڪز بند هئڻ باوجود مک بازارن شاهي بازار، ريشم بازار، ڪلاٿ مارڪيٽ، گل سينٽر، چاندني مارڪيٽ، صدر، لطيف آباد نمبر 8، قاسم آباد مين روڊ، آٽو ڀان روڊ، لجپت روڊ، اسٽيشن روڊ، پراڻي سبزي مارڪيٽ، هالاناڪي، فقير جو پڙ، پڃرا پل، ڦليلي، پريٽ آباد، لياقت ڪالوني، نوراني بستي، لبرٽي چوڪ، هيرآباد، تلڪ چاڙهي، الرحيم شاپنگ سينٽر، گول بلڊنگ، کوکر پاڙو، حيدر چوڪ، گاڏي کاتو، نئين پل ۽ مڪي شاهه وارن علائقن ۾ ڪاروبار کليل رهيو. لاڳاپيل ٿاڻن جي پوليس پاران ڄاڻايل علائقن ۾ ڪاروبار ڪجهه دير لاءِ بند ڪرايو ويو پر پوليس جي وڃڻ کانپوءِ دڪاندارن پنهنجو ڪاروبار ٻيهر کولي ڇڏيو، لاڙڪاڻي، سکر ، ميرپورخاص، ٺٽو، گهوٽڪي، جيڪب آباد، مٽياري، ٽنڊو محمد خان  ۾ ڪاروبار  کليل رهيو