سڄي سنڌ ۾ ايڪتا ڏھاڙي جون تياريون تيز، مختلف شھرن تقريبون

0
217
سڄي سنڌ ۾ ايڪتا

ڪراچي: ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار جَي سڏ تي 5 ڊسمبر تي ايڪتا جو قومي ڪاڄ ملهائڻ لاءِ تياريون تيز،ڪراچي جي چڪرا ڳوٺ ۾ ايڪتا مچ ڪچهري دوران اديبن ۽ شاعرن  طرفان شرڪت ڪئي وئي

 گمبٽ جي اسڪول ۾ تقريب دوران شاگردن پاران قومي گيتن تي رقص، ميرپور ماٿيلي جي اسڪول ۾ تقريب ٿي، ڪوٽڙي جي مهراڻ پارڪ ۾ مچ ڪچهري  دوران ماسٽر غلام حسين جي مور ڊانس ڌيان جو مرڪز بڻيل رهي

 ٽنڊو ڄام يونيورسٽي جي رهائشي ڪالوني ۾ ايڪتا ميوزيڪل نائيٽ پروگرام دوران نديم علي ديواني قومي گيتن تي ماڻهن کي جهومائي ڇڏيو، مختلف شهرن ۾ ايڪتا تقريبن دوران سنڌو تو ۾ ساهه اسان جو، جَي سري هيٺ قومي ڪاڄ ملهائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ويو آھي