اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پيٽروليم قيمتن کي ملڪي تاريخ جي بلند سطح تائين پهچائيندڙ وفاقي سرڪار خطي جي ملڪن ۾ پاڪستان اندر پيٽرول سڀ کان سستو هجڻ جي دعويٰ ڪري ڇڏي، سڌ سماءَ جي وفاقي وزير فواد چوڌري پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته پاڪستان ۾ شهرين جي خريداري واري قوت ڀارت کان بهتر آهي، پگهاردار طبقي جون مشڪلاتون پنهنجي جاءِ تي پر ملڪ جي 60 سيڪڙو آبادي زراعت سان وابستا آهي، جن کي 11 سئو ارب رپين جي اضافي آمدني ٿي آهي، تعميرات ۽ صنعتن سان وابستا ڪروڙين ماڻهن جي آمدني ۾ به اضافو ٿيو آهي، مسترين ۽ مزدورن جي روزاني اجرت ۾ ٽيڻ تي اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته خطي ۾ سڀ کان وڌيڪ سستو پيٽرول پاڪستان ۾ ملي ٿو، تيل ٻاهران خريد ڪرڻ سان پاڪستان ۾ به اگهه وڌندا، ملڪ ۾ 75 سيڪڙو ماڻهن جي آمدني وڌڻ حڪومت جي ڪاميابي آهي.